نڪور خبرون
Home / رانديون / پي سي بي ڪرڪيٽر گوهر علي تي ٻه سال پابندي هڻي ڇڏي

پي سي بي ڪرڪيٽر گوهر علي تي ٻه سال پابندي هڻي ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گريڊ ٽو ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڪرڪيٽر گوهر علي تي ٻه سال پابندي هڻي ڇڏي جڏهن ته ڊيپارٽمنٽ سول ايوايشن اٿارٽي تي هڪ لک رپيا ڏنڊ پڻ هنيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب گريڊ ٽو پيٽرنز ٽرافي ۾ پاڪستان نيوي سول ايوي ايشن جي ٽيم تي اعتراض ڪيو ته ان ميچ ۾ گوهر علي کي غيرقانوني طور تي کيڏايو.جاچ کانپوءِ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ته گوهر علي ڪي پي پوليس جو باقاعدا ملازم هئڻ باوجود سول ايوايشن جو ڪانٽريڪٽ قبول ڪيو جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي آهي.جاچ بعد پي سي بي گوهر علي تي ٻن سالن جي پابندي هڻندي سول ايوايشن تي هڪ لک رپيا ڏنڊ پڻ هنيو،  جڏهن ته ان ميچ جون پوائنٽون به پاڪستان نيوي جي ٽيم کي ڏنيون ويون.سول ايوي ايشن جي ٽيم فيصلي کان پوءِ پيٽرنز ٽرافي جو سيمي فائينل کيڏڻ کان به محروم ٿي وئي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهد آفريديءَ يونس خان بابت وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ناليواري آل رائونڊر شاهد خان آفريدي انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے