Home / پاڪستان / ايران ۾ وزيراعظم جي بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي: ڊاڪٽر محمد فيصل

ايران ۾ وزيراعظم جي بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي: ڊاڪٽر محمد فيصل

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان سريلنڪا کي هر قسم جي مدد ۽ سهڪار جي آڇ ڪندي چيو آهي ته سريلنڪا جيڪا به مدد گُهرندو اها فراهم ڪنداسين. ڊاڪٽر عافيه صديقي ۽ شڪيل آفريدي جي حوالي سان پنهنجي مؤقف تي قائم آهيون، عافيه صديقي بابت منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. ڀارت طرفان ڪشمير سرحد تي واپاري سرگرميون روڪڻ افسوس جوڳي ڳالهه آهي، واپار ۽ اعتماد سازي جا ٻيا قدم پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن لاءِ انتهائي ضروري آهن. خميس ڏينهن هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته ايسٽر جي موقعي تي المناڪ حملن کان پوءِ صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي سرينڪن هم منصبن کي فون ڪيا ۽ هر قسم جي مدد ۽ سهڪار جي آڇ ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت سريلنڪا جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهن. ترجمان چيو ته سريلنڪا اڃا تائين ڪا امداد طلب ناهي ڪئي جيڪڏهن هو گُهرندا ته پاڪستان هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. ترجمان چيو ته سريلنڪا ۾ دهشتگرد حملن ۾ 3 پاڪستاني عورتون معمولي زخمي ٿيون آهن پر علاج کان پوءِ کين اسپتال مان خارج ڪيو ويو  آهي. ترجمان عافيه صديقيءَ بابت پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو ته منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان عافيه صديقي ۽ شڪيل آفريدي بابت پنهنجي مؤقف تي قائم آهي، ايران ۾ وزيراعظم جي بيان جي حوالي سان ترجمان چيو ته عمران خان جي بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تخريبي سرگرمين لاءِ غير رياستي عنصرن طرفان پاڪستاني سرزمين استعمال ڪرڻ جو حوالو ڏنو هو. ترجمان چيو ته ذميداراڻي صحافت جي حوصله افزائي ڪريون ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته آمريڪي سفارتخاني ۾ ڪا فائرنگ رينج تعمير نه پئي ڪئي وڃي، اسلام آباد پوليس ۽ آمريڪي سفارتخانو اسلام آباد ڪيپيٽل علائقائي فائرنگ رينج جي اپ گريڊيشن لاءِ سهڪار ڪري رهيا آهيون. ترجمان ڪشميري عوام جي خراب حالت ۽ حريت اڳواڻن جي حراست تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو ته پاڪستان چيئرمين جي ڪي ايل ايف ياسين ملڪ جي شديد علالت باوجود مسلسل قيد جي مذمت ڪري ٿو. ترجمان چيو ته ڀارت مشعال ملڪ کي پنهنجي مڙس ياسين ملڪ سان ملاقات لاءِ ويزا جاري ڪري. هن چيو ته ڪشميري اڳواڻن سان اختيار ڪيل سلوڪ ۽ ظلمن تي اسان کي ڳڻتي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسعود اظهر بابت فيصلو قومي مفاد ۾ ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته وزيراعظم چين جي دؤري جي موقعي تي چيني ۽ عالمي اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪندو. ايران مسلم اُمت جو اهم ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صديون پُراڻا مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا هلندا پيا اچن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے