نڪور خبرون
Home / پاڪستان / وزيراعظم جي سريلنڪن هم منصب کي فون، حملن جي مذمت

وزيراعظم جي سريلنڪن هم منصب کي فون، حملن جي مذمت

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سريلنڪن هم مننصب رانل وڪرم سنگهي کي ٽيليفون ڪري ايسٽر جي موقعي تي دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان سريلنڪن هم منصب رانل وڪرم سنگهي کي ٽيليفون ڪيو ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪئي. وزيراعظم حملن ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جو عوام به دهشتگرد حملن تي ڏُکارو آهي، اسان دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ سريلنڪن ڀائرن جي ڏک کي سمجهو ٿا، ڏک جي هن گهڙي ۾سريلنڪا سان گڏ آهيون. وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي  لاءِ سريلنڪا کي سهڪار جي آڇ ڪندي چيو ته دهشتگردي سڄي دنيا جي امن کي نقصان پهچايو آهي، دهشتگردي ڪا به سرحد ۽ مذهب ناهي هوندو ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندا رهنداسين.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا کي گهرڀيڙو ڪنداسين: مولانافضل الرحمان

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانافضل الرحمان هڪ دفعو ٻيهر حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے