Home / پاڪستان / شاهه محمود قريشي جاپان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ٽوڪيو کان بيجنگ پهچي ويو

شاهه محمود قريشي جاپان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ٽوڪيو کان بيجنگ پهچي ويو

بيجنگ(م ڊ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جاپان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ٽوڪيو کان بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ هوائي اڏي تي پاڪستاني سفارتخاني جي اعليٰ عهديدارن پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي آجيان ڪئي. شاهه محمود قريشي چين جي پرڏيهي وزير جي خاص دعوت تي چين جو دورو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي بيجنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي سان خاص ملاقات ٿيندي. ان ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اهم علائقائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري دوران ان سان گڏ هوندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے