Home / رانديون / پاڪستان جي دوري لاءِ ازبڪستان جي هاڪي ٽيم 28 اپريل تي لاهور پهچندي

پاڪستان جي دوري لاءِ ازبڪستان جي هاڪي ٽيم 28 اپريل تي لاهور پهچندي

لاهور (اسپورٽس نيوز)  پاڪستان جي دوري جي لاءِ ازبڪستان جي هاڪي ٽيم اٺاويهه اپريل تي لاهور پهچندي. جتي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پنجن ميچن جي سيريز جو شيڊول طئي ٿيل آهي. رپورٽ موجب ازبڪستان جي ٽيم جو اهو دورو ويهه اپريل کان شروع ٿيڻو هو پر سفري ڪاغذ ۽ ٻين لاجسٽڪ مسئلن جي ڪري ائين نه ٿي سگهيو. ازبڪستان جي ٽيم پاڪستان ۾ ٿيندڙ هاڪي اوپن سيريز جي رائونڊ ۾ فاتح رهي آهي. هو ٻيون دفعو پاڪستان جي مهمان بڻجندي. دوري ۾ ازبڪستان جي هاڪي ٽيم پاڪستان ڊولپمينٽ ٽيم سان گڏ پنج ميچ کيڏندي. ڊولپمينٽ اسڪواڊ جي تيارين جي لاءِ گوجره ۾ هڪ ٽورنامينٽ منعقد ٿيو آهي جنهن ۾ بهترين پرفارمنس ڏيکاريندڙ کي ازبڪستان جي خلاف ميدان ۾ لاٿو ويندو. ازبڪ ٽيم جون ۾ ڀارت ۾ هاڪي اوپن سيريز جو فائنل رائونڊ به کيڏندي. جنهن جي تيارين جي لاءِ پاڪستان جو هي دورو ان لاءِ ڪافي اهميت جوڳو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽيم جا ست رانديگر تبديل ٿيندا: شعيب اختر

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته ورلڊ ڪپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے