Home / شوبز / ناليواري اداڪار ڪاميڊين، ميزبان، پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر معين اختر جي 8 ورسين ملهائي وئي

ناليواري اداڪار ڪاميڊين، ميزبان، پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر معين اختر جي 8 ورسين ملهائي وئي

اسلام آباد (شوبز) پاڪستان جي مشهور ڪاميڊين، اداڪار ۽ ميزبان، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ گلوڪار معين اختر جي 8 ورسي سومر ڏهاڙي ملهائي وئي. هن ريڊيو، ٽي وي ۽ فلمن ۾ پنهنجي تخليقي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا. معين 6 سيپٽمبر 1966ع تي پهريون پروگرام ڪري شوبز دنيا ۾ پير رکيو. هن جڏهن ته به ڪاميڊي ڪئي ته هميشه مرجهايل چهرن تي مرڪون آنديون. اسٽيج ڊرامن ”بڍا گهر پي هي“ ۽ ”بڪرا قسطون پر“ معين اختر کي شهريت جي بلندين تائين پهچايو. جڏهن ته ففٽي ففٽي، هاف پليٽ، انتظار فرمائيي ۽ آنگن ٽيڙا ۾ به هن جاندار اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. سندس يادگار ڊرامن ۽ اسٽيج شوز ۾ ”روزي، سچ مچ، اسٽوڊيو پوني تين، بندر روڊ سي ڪياماڙي، شوٽائيم“ شامل آهن.هن فلمن ذريعي پڻ مداحن کي پنهنجو ديوانو بڻايو. کيس پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ ستار امتياز سان پڻ نوازيو ويو. 22 اپريل 2011ع تي دل بيهڻ سبب معين اختر ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهره خان انسٽاگرام تي 5 ملين ماڻهن فالو ر

ڪراچي: (شوبز) عالمي شهرت ماڻيندڙ اداڪاره ماهره خان پهرين پاڪستاني اداڪاره بڻجي وئي آهي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے