Home / پاڪستان / سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻڻ لاءِ صوبن کان سفارشون طلب

سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻڻ لاءِ صوبن کان سفارشون طلب

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته هاڻي سڄي ملڪ ۾ تعليمي ۽ امتحاني ڪئليندڙ هڪ هوندو جنهن لاءِ وائيس چانسلر سان به صلاح مشورا ڪيا ويندا ملڪ جا سمورا ثانوي تعليمي بورڊ 31 جولاءِ تائين سمورن امتحانن جا نتيجا هڪ ئي وقت ڏيندا پنجين ۽ اٺين جي امتحان ۾ اٺين درجي جي امتحان جو به باقاعده سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو جنهن کي پرائمري جي سطح جو سرٽيفڪيٽ سمجهيو ويندو صهافين سان ڳالهائيندي شفقت محمود چيو ته نون سرڪاري اسڪولن جو تعداد وڌايو ويندو هڪ جهڙو نصاب آندو ويندو ان حوالي سان سمورن صوبن کان سفارشون گهرايون ويون آهن هن چيو ته اردو ۾ نصاب جو فيصلو ۽ سبجيڪٽ جي ورڇ ۽ ٻولي جو فيصلو صلاح مشوري واري ڪائونسل ڪندي، ڊراپ آئوٽ ريٽ کي گهٽائڻ جي طريقي تي غور ڪيو پيو وڃي. ان جو هڪ سبب پرائمري اسڪولن جو تعداد وڌيڪ ۽ سيڪنڊري اسڪول جو تعداد گهٽ هجڻ آهي ان ڏس ۾ پرائمري اسڪولن ۾ به شام جي وقتن ۾ ڪلاسز هلايا ويندا  هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ تعليمي ۽ امتحاني ڪئليندر هڪ هوندو هن چيو ته تعليم سياست کان مٿانهين آهي ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلنداسين.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے