Home / انٽرنيشنل / ياسين ملڪ جي بک هڙتال 12هين ڏينهن به جاري

ياسين ملڪ جي بک هڙتال 12هين ڏينهن به جاري

سرينگر(م ڊ) ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ جي چيئرمين محمد ياسين ملڪ جي بک هڙتال 12هين ڏينهن به جاري رهي جنهن سبب سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ياسين ملڪ ڪجهه ڏينهن ڀارت جي جاچ اداري اين آءِ اي جي حراست مان انتهائي خراب حالت ۾ رام لال منوهر لوهيا اسپتال نئين دهلي منتقل  ڪيو ويو هو،هو غير قانوني نظر بندي ۽ اين آءِ اي عملدارن جي خراب سلوڪ سبب بک هڙتال تي هو. سندس وڪيل هن سان اسپتال ۾ ملاقات ڪئي ۽ چيو آهي ته سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي.هن چيو ته ياسين ملڪ دل جي تڪليف ۾ مبتلا آهي ۽ سدس زندگي کي شديد خطرا آهن.واضع رهي ته ياسين ملڪ کي ڄمون ڪوٽ ڀوال جيل منتقل ڪيو ويو آهي جٿي هن تي ڪارو قانون پبلڪ سيفٽي ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا ايٽمي هٿيارن جي معاملي تي دوکو پيو ڪري: اتر ڪوريا

پيانگ يانگ(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر ڪوريا جو چوڻ آهي ته آمريڪا ڪم جونگ ۽ ٽرمپ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے