نڪور خبرون
Home / پاڪستان / وزيراعظم سان حفيظ شيخ جي ملاقات، نئين بجيٽ جي تيارين جي هدايت

وزيراعظم سان حفيظ شيخ جي ملاقات، نئين بجيٽ جي تيارين جي هدايت

اسلام آباد (م ڊ ) ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته نئين بجيٽ جي تياري جون هدايتون ڪري ڇڏيون آهن، آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو عمل تيز ڪيو ويندو، سالياني بجيٽ 24  مئي تي پيش ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالحفيظ شيخ چيو ته  نئين بجيٽ جي تياري جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، آمدني ۽ خرچن جي هدف کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو عمل اڳتي وڌڻ گهرجي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو عمل تيز ڪيو ويندو.  سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جو مشن جلد پاڪستان ايندو، آءِ ايم ايف جو مشن هيڊ اڄ کان ڳالهيون ڪندو. هوڏانهن ناڻي واري وفاقي صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ نبي گالا ۾ وزيراعظم عمران خان سان  ملاقات ڪري ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا کي گهرڀيڙو ڪنداسين: مولانافضل الرحمان

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانافضل الرحمان هڪ دفعو ٻيهر حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے