Home / پاڪستان / عبدالعليم خان جي جوڊيشل رمانڊ ۾ وڌيڪ 10 ڏينهن جي واڌ

عبدالعليم خان جي جوڊيشل رمانڊ ۾ وڌيڪ 10 ڏينهن جي واڌ

لاهور (م ڊ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير عبدالعليم خان جي جوڊيشل رمانڊ ۾ وڌيڪ 10 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب کي فائنل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  احتساب عدالت ۾ عليم خان خلاف اثاثن ۽ آف شور ڪمپنينجي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان کي جوڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. احتساب عدالت جي جج نجم الحسن ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب جاچ آفيسر چيو ته عليم خان خلاف جاچ گهڻي حد تائين مڪمل ٿي چڪي آهي، جلد رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي، عدالت چيو ته ڪنهن کي بنا ڪنهن سبب جيل ۾ نه رهڻ گهرجي. نيب جي وڪيل چيو ته نيب چيئرمين جي منظوري بعد فائنل رپورٽ ۽ ريفرنس داخل ڪيو ويندو. عدالت عليم خان جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 30 اپريل تائين جي واڌ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي نيب کي فائنل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت جوڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ تي عليم خان کي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے