نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / آئرلينڊ ۾ مشهور صحافي عورت گوليون هڻي قتل

آئرلينڊ ۾ مشهور صحافي عورت گوليون هڻي قتل

آئرلينڊ(م ڊ) سول نافرماني جي جاري تحريڪ جي دوران پرتشدد مظاهرن جي ڪوريج ڪندڙ مشهور عورت صحافي ليرا مڪڪي کي آئرلينڊ ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آئرلينڊ جي شهر(لنڊن ڊيري) ۾ نامعلوم هٿياربندن اوڻٽيهه ساله عورت صحافي ليرا مڪڪي کي ان وقت گولين جو نشانو بڻايو جڏهن هو سول نافرماني جي تحريڪ جي دوران ٿيندڙ پرتشدد مظاهرن جي ڪوريج ڪري رهي هئي. خبرون ڏيندڙ اداري خدشو ظاهر ڪيو آهي ته حملي آورن جو تعلق ري پبلڪن باغين سان ٿي سگهي ٿو. عالمي خبرون ڏيندڙ  ايجنسي موجب حملي آور ايترو ته ڪاوڙيل ۽ جنوني هئا جو عورت صحافي جي مدد جي لاءِ جڏهن ايمبولينس پهتي ته ان مٿان به پيٽرول بم اڇلائي کيس باهه ڏني وئي. مقامي ميڊيا موجب پوليس ليرا مڪڪي جي قتل جو ڪيس آئرش ري پبلڪن آرمي جي خلاف داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس هن واقعي کي دهشتگردي قرار ڏنو آهي. آئرلينڊ ۾  جهيڙي جو بنيادي سبب اهو آهي ته آئرتس(انتهاپسند) لنڊن ديري کي صرف ڊيري چوڻ چاهين ٿا جڏهن ته ٻين شهرين جي خيال ۾ شهر کي پراڻي نالي لنڊن ڊيري سان سڏڻ وڌيڪ بهتر رهندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ اتحادي فوج جي ڪارروائي، 43 دهشتگرد مارجي ويا

ڪابل ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) افغانستان ۾ اتحادي فوج هوائي حملي ۾ داعش جا 43 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے