نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ضم ٿيل علائقن جي عوام ملڪ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون، تڪليفون برداشت ڪيون آهن: عمران خان

ضم ٿيل علائقن جي عوام ملڪ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون، تڪليفون برداشت ڪيون آهن: عمران خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ضم ٿيل علائقن جي عوام ملڪ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون ۽ تڪليفون سٺيون آهن، انهن علائقن جي عوام جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ضم ٿيل علائقن جي عوام جي نقصان جي ازالي لاءِ حڪومت پاران اعلان ڪيل معاوضو بنا دير ڏنو وڃي، اربع تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ضم ٿيل قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي وارو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اسد عمر، خسرو بختيار، شاهه فرمان، محمود خان، ارباب شهزاد، افتخار دراني ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وزيراعظم عمران خان کي ضم ٿيل علائقن جي سالياني ترقياتي پروگرام ۽ ايندڙ 10 سالن جي ترقياتي منصوبن، هلندڙ مالي سال لاءِ مخصوص ۽ جاري ٿيل فنڊن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، سالياني ترقياتي پروگرام 2018-19 ۾ ضم ٿيل علائقن جي ترقي لاءِ 1186 منصوبا شامل آهن جن مان 726 هلندڙ جڏهن ته 460 نوان منصوبا آهن، انهن ۾ تعليم، صحت، مواصلات، بجلي، زراعت ۽ انفرا اسٽريڪچر جا منصوبا شامل آهن، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ضم ٿيل علائقن ۾ معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ، مواصلات جي سهولتن جي بهتري، اربن سينٽرز جي ڊيولپمينٽ، انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري، بهتر حڪومتي نظام ۽ ادارن جي تعمير ۽ ترقي 10 سالن جي ترقياتي منصوبا جا اهم ٿنڀ آهن، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم هدايت ڪئي ته ضم ڪيل علائقن جي عوام ۾ صحت انصاف ڪارڊ ورهائڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته ڀلاري مهيني رمضان دوران انهن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي جي بهتر صورتحال لاءِ به قدم کنيا وڃن، وزيراعظم چيو ته عوامي نمائندا انهن علائقن جي عوام سان رابطا وڌيڪ تيز ڪن ته جيئن تعمير ۽ ترقي جي سفر ۾ عوام کي شامل ڪري سگهجي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ پتن ايراضي ڪيس، ڌرين کان 15 ڏينهن ۾ جواب طلب

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ پاڪپتن ايراضي ڪيس ۾ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جي رپورٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے