Home / سنڌ / ڪوبه ادارو بي لغام نه هجڻ گهرجي، پوليس جو احتساب ٿيڻ گهرجي: مرتضيٰ وهاب

ڪوبه ادارو بي لغام نه هجڻ گهرجي، پوليس جو احتساب ٿيڻ گهرجي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب سنڌ پوليس تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪو به ادارو بي لغام نه هئڻ گهرجي ۽ پوليس جو به احتساب ٿيڻ گهرجي. مرتضيٰ وهاب چيو ته پوليس جي فائرنگ ۾ قتل جا ڇهه واقعا پيش اچي چڪا آهن، وقت اچي ويو آهي ته اختيارن پٽڻو پٽيندڙ ذميواري قبول ڪن. صوبائي صلاحڪار چيو ته صوبي کي آئين ۽ وڏو وزير هلائيندو، پوليس اختيارن نه پر پنهنجي ڪارڪردگي بابت ٻڌائي. مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان سخت محنت کان پوءِ صوبي ۾ امن قائم ڪيو هو، پوليس جو آفيسر والدين کي ساٿ ڏيڻ جو چوي ٿو ۽ ڌمڪائي ٿو، ارشاد رانجهاڻي ڪيس ۾ دهشتگردي جي شقن کي ڪڍي، پوليس ڪيستائين پنهنجو پاڻ کي بچائيندي رهندي، پوليس جو احتساب ٿيڻ گهرجي. سڌسماءَ واري صوبائي صلاحڪار ٽي اسپتالون وفاق کي ڏيڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي چيو ته جنوري ۾ سپريم ڪورٽ ٽي اهم اسپتالون وفاق کي ڏيڻ لاءِ چيو هو پر هنيئر تائين وفاق اسپتالن کي ٽيڪ اوور ڪرڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو آهي، واعدا ته گهڻائي ڪيا ويا، اڄ ٽي مهينا پورا ٿي ويا آهن. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته اسان عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي ته 90 ڏينهن جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي، صحت کاتو انهن ٽنهي ادارن کي خط لکندو ته سندن خرچ اسان برداشت ڪنداسين، جهڙي ريت ماضي ۾ انهن جا خرچ برداشت ڪيا هاڻ به ڪنداسين، سخت محنت کانپوءِ هي ادارا بهتر ٿيا آهن، کين سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے