Home / انٽرنيشنل / ڀارتي رياستن راجهستان ۽ مڌيا پرديش ۾ طوفاني برساتن سبب تباهي، مختلف واقعن ۾ 22 ڄڻا فوت

ڀارتي رياستن راجهستان ۽ مڌيا پرديش ۾ طوفاني برساتن سبب تباهي، مختلف واقعن ۾ 22 ڄڻا فوت

نئي دهلي (م ڊ) ڀارتي رياستن راجهستان ۽ مڌيا پرديش ۾ طوفاني برساتن سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي ۽ مختلف واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 22 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ڀارتي اخبار جي رپورٽ موجب راجهستان جي علائقن چتور گڙهه، سري گنگانگر، اجمير، ڪوٽا ۽ پلاني ۾ شديد برسات پئي. برسات دوران طوفاني هوائن سبب وڻ ڪري پيا ۽ ٽريفڪ جي اچ وڃ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي. طوفان سبب زندگي جو ڪار وهنوار متاثر ٿي ويو. طوفاني برسات دوران راجهستان ۾ 6 ۽ مڌيا پرديش ۾ 16 ڄڻا فوت ٿي ويا. برسات کان علاوه ڪيترن ئي علائقن ۾ مٽي جو طوفان پڻ آيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوازشريف کي ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو وزيراعظم کي پسند نه آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نوازشريف کي ٻاهر موڪلڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے