Home / پاڪستان / رينٽل پاور پروجيڪٽس ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف تي 29 اپريل تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان

رينٽل پاور پروجيڪٽس ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف تي 29 اپريل تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت طرفان اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف ۽ ٻين جوابدارن کي ٽن رينٽل پاور پروجيڪٽس ۾ بدعنواني جي ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 29 اپريل تي طلبي لاءِ سمن جاري ڪيو ويو آهي. سومر تي ڪيس جي ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ ڪيس جي جوابدارن راجه پرويز اشرف، عبدالمجيد ۽ شاهد رفيع جي عدم حاضري تي بي اطميناني ظاهر ڪئي. ان موقعي تي جوابدار جي وڪيل عدالت ۾ استدعا ڪئي ته جوابدارن کي ڪيس جي ٻڌڻي کان هڪ ڏينهن جي ڇوٽ ڏني وڃي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي. عدالت جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجي حاضري يقيني بڻائيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻڻ لاءِ صوبن کان سفارشون طلب

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته هاڻي سڄي ملڪ ۾ تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے