Home / سنڌ / سنڌ اسيمبلي مان ريڪارڊ قانون سازي ڪئي وئي آهي. اسيمبلي مان ثالثي جو قانون پڻ منظور ڪيو ويو آهي : بيريسٽر مرتضيٰ وهاب

سنڌ اسيمبلي مان ريڪارڊ قانون سازي ڪئي وئي آهي. اسيمبلي مان ثالثي جو قانون پڻ منظور ڪيو ويو آهي : بيريسٽر مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( رپورٽر )  وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي  ته سنڌ اسيمبلي مان ريڪارڊ قانون سازي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسيمبلي مان ثالثي جو قانون پڻ منظور ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن قانون جي منظوري مقصد انهن سمورن ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، جيڪي ڪورٽن کان ٻاهر پنهنجن مسئلن جو حل چاهن ٿا. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت جو ان ڳالهه تي پختو يقين آهي ته بغير انصاف جي ڪو به معاشرو قائم نه ٿو رهي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏهاڙي هڪ مقامي هوٽل ۾ سنڌ جوڊيشل اڪيڊمي ۽ ليگل ايڊ سوسائٽي طرفان گڏيل طور تي منعقد ڪيل انٽرنيشنل ڪانفرنس آن الٽر نيٽو ڊسپيوٽ ريسوليوشن سان ڳالهائنيدي ڪيو. هن چيو ته  ثالثي جو قانون پاس ڪرڻ جو مقصد اهو ئي هو ته عام ماڻهو تائين جلد انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي پنهنجو ڪردار احسن طريقي سان ادا ڪري رهي آهي. هاڻي اهو عزت مآب ججز جو ڪم آهي ته هو ماڻهن کي جلد انصاف جي فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته صحيح معنيٰ ۾ تبديلي ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن حڪومت جا ٽئي پلر ملي ڪري مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار وقت سر ادا ڪن. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب يقين ڏياريو ته ثالثي جي قانون کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ انصاف جي ادارن طرفان جيڪي به ڪارآمد تجويزون پيش ڪيون ويون انهن جو سنڌ اسيمبلي سنجيدگيءَ سان جائزو وٺندي. هن ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. ايس آءِ ڊي جي هينڊ آئوٽ موجب ان بعد بئرسٽر مرتضيٰ وهاب ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جو ڪم پوليسنگ ڪرڻ آهي ۽ اسانجو ڪم قانون سازي ڪرڻ آهي، پر لڳي ايئن رهيو آهي ته پوليس جي ڪجهه آفيسرن پاليسيون جوڙڻ شروع ڪيون آهن. هن چيو ته امن و امان جي صورتحال خراب ٿي آهي ، اسٽريٽ ڪرائم ۾ اضافو ٿيو آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ارشاد رانجهاڻي کي سرعام گوليون هنيون ويون. هن چيو ته ٻن ڏينهن کان پوليس ڪانفرنس هلي رهي هئي ۽ هوڏانهن سنڌ ۾ پنج قتل ٿيا. پوليس جو ڪم ڪانفرنسون ڪرڻ نه پر امن وامان کي برقرار رکڻ آهي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻڻ لاءِ صوبن کان سفارشون طلب

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته هاڻي سڄي ملڪ ۾ تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے