نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪستان جي ترقي ۾ ڪا رنڊڪ برداشت نه ڪنداسين، عالمي سطح تي ملڪ لاءِ هاڪاري سوچ آهي: اسد عمر
FINANCE MINISTER ASAD UMAR HAD A BUSINESS ROUNDTABLE WITH THE MEMBERS OF THE US PAKISTAN BUSINESS COUNCIL (USPBC) IN WASHINGTON DC.

پاڪستان جي ترقي ۾ ڪا رنڊڪ برداشت نه ڪنداسين، عالمي سطح تي ملڪ لاءِ هاڪاري سوچ آهي: اسد عمر

واشنگٽن ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ مالپاس پاڪستان ۾ هلندڙ سڌارن جي عمل کي واکاڻيندي پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ناڻي وارو وزير اسد عمر عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي بهار جي موسم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ واشنگٽن ۾ موجود آهي ۽ جتي هن اختيارين سان ملاقاتون ڪيون آهن. ناڻي واري وزير اسد عمر عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ مالپاس سان ملاقات ڪئي جنهن دوران کيس پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو ۽ ان موقعي تي پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون.  ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف جي ڊپٽي مئنيجمينٽ ڊائريڪٽر ڊيوڊ لپٽن سان به ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هلندڙ ڳالهين تي به غور ويچار ڪيو ويو. اسد عمر آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل جي ميمبرن سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنيز جي اختيارين به شرڪت ڪئي جڏهن ته اختيارين پاڪستان ۾ پنهنجي مستقبل جي منصبن ۽ پاڪستان جي مدد تي به ڳالهيون ڪيون جڏهن ته ڪيترين ئي ملٽي نيسنل ڪمپنين پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ دلچسپي جو به اظهار ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته پاڪستان ڪاروبار ڪندڙن لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان سڌارن واري عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے