نڪور خبرون
Home / سنڌ / امن امان جي بحالي ۽ شھرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سندس حڪومت جي اولين ترجيح آھي: سيد مراد علي شاھ

امن امان جي بحالي ۽ شھرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سندس حڪومت جي اولين ترجيح آھي: سيد مراد علي شاھ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ امن امان جي بحالي ۽ شھرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سندس حڪومت جي اولين ترجيح آھي. ھن چيو تھ اھا ترجيح ان وقت حاصل ٿي سگھندي جڏھن پوليس مختلف اسٽيڪ ھولڊرز سان صلاح مشوري بعد ڊگھي ۽ ننڍي مدي وارن مقصدن کي واضح ڪري ان تي صحيح ريت عمل ڪيو وڃي ۽ ان کي ويچار لاءِ حڪومت ڏانھن موڪليو وڃي. ھن اھا ڳالھھ اڄ خميس ڏينھن ھڪ مقامي ھوٽل ۾ سنڌ پوليس پاران رٿيل نمائش ۽ ريٽريٽ اسٽريٽجڪ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪئي. سيمينار ۾ وڏي وزير جو قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، حاضر ۽ رٽائرڊ سينئر آفيسرن خاص طور تي آءِ جي پوليس، سول سوسائٽي جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو تھ صوبائي حڪومت جي اھا ذميواري بڻجي ٿي تھ اھا امن امان کي بحال ڪري ۽ شھرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. ھن چيو تھ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پوليس جي اداري کي ننڍن ۽ ڊگھي مدي وارن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف اسٽيڪ ھولڊرز سان واضح ڪرڻ آھي ۽ ان کي ويچار ڪرڻ لاءِ حڪومت کي پيش ڪرڻ آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ اھو سيمينار پوليس لاءِ تمام اھم آھي ۽ ان سان پوليس پنھنجي طاقت، ڪمزورين ۽ قابليت جو اندازو لڳائي سگھي ٿي. ھن چيو تھ سڄي دنيا ۾ پوليسنگ ھڪ چيلنجنگ پروفيشن آھي. ھن چيو تھ پوليس ھڪ پرائمري ايجنسي آھي جيڪا پبلڪ سيفٽي کي يقيني بڻائڻ ۽ ڏوھن تي ضابطو آڻڻ جي ذميوار ٿيندي آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ اھڙي قسم جي اسٽريٽجڪ ورڪشاپ پوليسنگ جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ۽ حڪمت عملي جي جوڙجڪ ۾ سھڪاري ثابت ٿيندي. ھن چيو تھ مونکي پڪ آھي تھ ان ورڪشاپ جو جيڪو ايجنڊا آھي ان سان شرڪت ڪندڙن کي غور ۽ فڪر جي حوالي سان مدد حاصل ٿيندي. ھن چيو تھ ان ورڪشاپ سان تجربن ۽ مشاھدن جي مٽاسٽا ٿيندي. وڏي وزير خوشگوار انداز ۾ چيو تھ ان سيمينار ۾ سموري پوليس فورس کي گھرايو ويو آھي ۽ ان وقت گھٽين ۾ پوليسنگ لاءِ ڪوبھ پوليس اھلڪار نھ آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ اڄ خميس واري ڏينھن سڄي صوبي ۾ رڳو ھڪ قتل رپورٽ ٿيو آھي ۽ ھاڻوڪي ڏينھن ۾ سڀ کان گھٽ شرح آھي ۽ مونکي پڪ آھي تھ امن امان اھڙي ريت برقرار رھندو. مراد علي شاھھ آءِ جي پوليس کي صلاح ڏني تھ ھُو تمام پوليس ريجن جا دورا ڪري ۽ سندن جونيئرن سان ملاقات ڪئي وڃي ۽ انھن جي بھتر پوليسنگ لاءِ ھمت افزائي ڪئي وڃي ۽ ڪميونٽي پوليس جي ترقيءَ لاءِ سول سوسائٽيءَ کي شامل ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو تھ انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ ۽ سندس ٽيم ان ٻن ڏينھن وارين مشقن مان تمام گھڻو فائدو حاصل ڪندا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے