نڪور خبرون
Home / سنڌ / ٿر ڪول منصوبو گڊ گورنس جي بهترين مثال آهي: بلاول ڀٽو

ٿر ڪول منصوبو گڊ گورنس جي بهترين مثال آهي: بلاول ڀٽو

ٿرپارڪر/ اسلام ڪوٽ(رپورٽر/مانيٽرنگ ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءِ اسلام ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر کي بجلي مفت فراھم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آھي تھ بل جي مد ۾ سنڌ حڪومت بل ادا ڪندي. ھن چيو تھ اھا ڪاميابي اوھان جي ڪاميابي آھي ٿر جي ڪاميابي آھي، سنڌ جي ڪاميابي آھي، پاڪستان جي ڪاميابي آھي، ان کي اسان گوڊ گورننس چوندا آھيون. ھن اھو خطاب ٿر ۾ ڪوئلي مان 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ ڪول پاور پلانٽس جو افتتاح ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو تھ ٿر ڪول جي ڪھاڻي تمام ڊگھي آھي جنھن کي اسان ايئن شروع ڪري سگھون ٿا تھ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ٿر جي زمين واپس ڏياري. ھن چيو تھ اڄوڪو ڏينھن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت لاءِ تمام اھمت وارو آھي. بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو تھ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو لاھور ۾ سندس حق لاءِ نڪتي ۽ ضياءَ جي آمريت کي للڪاريو. ھن چيو تھ اڄ مون کي فخر آھي تھ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو ۽ ان وقت جي وزيراعليٰ سنڌ عبداللھ شاھھ ھن رٿا جي شروعات ڪئي. ھن چيو تھ اھو منصوبو ھتان جي ماڻھن لاءِ فائيديمند ھوندو. ھن چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو نظريو ان منصوبي سان ظاھر ٿي رھيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو تھ سنڌ حڪومت شھيدمحترمھ بينظير ڀٽو جو ويزن ۽ مشن اڳتي وڌائي رھي آھي. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت پاڪستان جي سڀ کان وڏي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ذريعي ميگا منصوبا مڪمل ڪري رھي آھي. بلال ڀٽو زرداريءَ چيو تھ برطانيا جي ڪمپنيءَ سموري ايشيا جي پبلڪ سيڪٽر ۾ ڪم ڪرڻ جي لسٽ جاري ڪئي جنھن ۾ سڄي ايشيا ۾ سنڌ حڪومت ڇھين نمبر تي آھي ۽ اھا سنڌ ۽ پاڪستان جي ڪاميابي آھي. ھن چيو تھ اڄ بجلي پيدا ٿي رھي آھي جيڪا نيشنل گرڊ ۾ وڃي رھي آھي. ھن چيو تھ سنڌ جي ڪاري سون مان بڻجندڙ بجلي سڄي پاڪستان کي ڏئي رھيا آھيون، ان منصوبي ۾ ٿر جو پگھر شامل آھي تھ پھريون حق ان جو بڻجي ٿو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ اعلان ڪندي چيو تھ اسان چاھيون ٿا تھ ٿر ۾ سمورا ضروري وسيلا ھئڻ گھرجن. ٿر ۾ يونيورسٽي ھجي، ٿر ۾ ھڪ نھ ٻھ يونيورسٽيون ھئڻ گھرجن. ھن چيو تھ في الحال وڏي وزير کي چوندس تھ فوري طور تي اين اي ڊي يونيورسٽيءَ جو ڪيمپس ٿر ۾ قائم ڪيو وڃي. ھن چيو تھ سنڌ جي وڏي وزير کي درخواست ڪريان ٿو تھ جلد ڪم شروع ڪيو وڃي. ھن چيو تھ ٿر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جو ڪم نظر اچي رھيو آھي. اسان چين جي حڪومت جا ٿورائتا آھيون انھن ڀرپور ساٿ ڏنو. بلال ڀٽو زرداريءَ چيو تھ ٿر جون عورتون جن وٽ ڪمائڻ جو ڪو بھ ذريعو نھ ھو اھي بھ ان منصوبي ۾ ڪم ڪري رھيون آھن. ٿر ۾ موڊل وليج بڻايو جنھن ۾ ٿر جا رھواسي ڪم ڪري رھيا آھن، سٺي حڪومت جي مثال اھڙي ھوندي آھي. ھن چيو تھ ھر ايندڙ ڏينھن ڪنھن نھ ڪنھن منصوبي جي افتتاح لاءِ سنڌ جو وڏو وزير وٺي ويندو آھي ان کي پڻ ڪاميابي چئبو آھي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو گذريل پنجن سالن کان وڏا وڏا وعدا ڪيا ويا پر اڃا تائين ڪوبھ ميگا منصوبو صوبائي حڪومت کي ناھي ڏنو ويو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے