نڪور خبرون
Home / پاڪستان / آسيه بيبي جلد پرڏيهه ويندي،مودي جي ڪاميابي سان فائدو ٿيندو: وزيراعظم

آسيه بيبي جلد پرڏيهه ويندي،مودي جي ڪاميابي سان فائدو ٿيندو: وزيراعظم

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ رڳو هڪ اختلاف آهي ۽ اهو آهي ڪشمير، ايٽمي طاقت رکندڙ ٻئي پاڙيسڙي ملڪ پنهنجن اختلافن کي رڳو ڳالهين ذريعي ئي حل ڪري سگهن ٿا.  برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان کي  ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻو پوندو، تڪراري علائقي ۾ امن خطي لاءِ تمام زبردست هوندو، پاڪستان ۽ ڀارت اختلاف ڳالهين ذريعي حل ڪن. وزيراعظم چيو ته ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي اهو اتان جي ماڻهن جو ردعمل آهي، جيڪڏهن اسان ڪشمير مسئلي کي حل ڪري سگهون ٿا ته پوءِ ننڍي کنڊ ۾ امن جا زبرست فائدا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي حڪومتن جي پهرين ترجيح غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ هجڻ گهرجي ۽ غربت گهٽائڻ جو رستو اهو آهي ته اسان پنهنجا اختلاف ڳالهين ذريعي حل ڪريون.  هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ڀارت پاڪستان تي ٻيهر حملو ڪري ها ته اسان وٽ جواب ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هو.  هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته جيش محمد ۽ اهڙين ٻين تنظيمن کي اسان پهريان ئي غير هٿياربند ڪري رهيا آهيون ۽ حڪومت جيش محمد جي مدرسن جو انتظام سنڀالي ورتو آهي، پاڪستان جي مستقبل لاءِ حڪومت انهن نتنظيمن خلاف ڪارروائي لاءِ پرعزم آهي.  وزيراعظم آسيه بيبي بابت ميزبان جي سوال تي چيو ته هوءَ محفوظ آهي ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن اندر ملڪ ڇڏي پرڏيهه هلي ويندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے