Home / پاڪستان / رمضان شگر مل ڪيس، حمزاشهباز جي 17 اپريل تائين ضمانت منظور

رمضان شگر مل ڪيس، حمزاشهباز جي 17 اپريل تائين ضمانت منظور

لاهور ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ رمضان شگر مل ۽ صاف پاڻي اسڪينڊل ڪيس ۾ حمزا شهباز جي 17 اپريل تائين عبوري ضمانت منظوري ڪري ورتي آهي.  پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ رمضان شگر مل ۽ صاف پاڻي ڪرپشن ڪيس ۾ عبوري ضمانت لاءِ  ڌار ڌار درخواستون داخل ڪيو جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ جج جسٽس ملڪ شهزا احمد خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  حمزا شهباز طرفان درخواست ۾ موقف ڄاڻايو ويو ته نيب طرفان رمضان شگر مل ۽ صاف پاڻي ڪيس ۾ گرفتاري جو خدشو آهي، نيب پهريان به سياستدانن ڪنهن ٻي انڪوائري ۾ گهرائي ٻين ڪيسن ۾ گرفتار ڪري چڪو آهي، خدشو آهي ته نيب مونکي به ڪنهن ٻي انڪوائري ۾ سڏائي رمضان شگر ۽ صاف پاڻي اسڪينڊل ۾ گرفتار ڪري سگهي ٿو.  عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ حمزا شهباز جي ٻنهي ڪيسن ۾ 17 اپريل تائين عبوري ضمانت منظوري ورتي آهي، عدالت ٻنهي ڪيسن ۾ حمزا شهباز کي هڪ هڪ ڪڙوڙ رپين جا مچلڪا به جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو .

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے