نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / عمران خان چئي رهيو آهي ته مودي جي ڪاميابي سان فائدو ٿيندو: رنديپ سنگهه

عمران خان چئي رهيو آهي ته مودي جي ڪاميابي سان فائدو ٿيندو: رنديپ سنگهه

نئين دهلي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان جي بيان کانپوءِ ڀارت ۾ مخالف ڌر پارٽين وزيراعظم نريندر مودي ۽ سندس پارٽي کي پنهنجي نشاني تي رکي ڇڏيو آهي.  پرڏيهي خابرو اداري موجب وزيراعظم عمران خان پرڏيهي صحافين کي هڪ انٽرويو ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن ڀارتي چونڊن ۾ ڪانگريس جي بدران نريندر مودي جي پارٽي ڪامياب ٿي ته ڪمشير جي مسئلي تي امن ڳالهين ۾ اڳڀرائي جو امڪان آهي.  پاڪستاني وزيراعظم جي ان بيان کي ڀارتي مخالف ڌر پارٽين طرفان بي جي پي جي خلاف استعمال ڪندي نريندر مودي ۽ سندس پارٽي تي ” پاڪستان جي زبان “ ڳالهائڻ جو الزام مڙهيو پيو وڃي.  مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي پارٽي ڪانگريس جي ترجمان رنديپ سنگهه سرجيوالا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان سرڪاري طور تي مودي جو اتحادي بڻجي چڪو آهي، مودي کي ووٽ ڏيڻ جو مطلب پاڪستان کي ووٽ ڏيڻ آهي. ڪانگريس جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳجهي معلومات موجب نريندر مودي جو اڳ نواز شريف دوست هو هاڻي عمران خان آهي. عام آدمي پارٽي جي سربراهه اروند ڪيجريوال به پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هر ڪو عمران خان جي بيان تي سوال اٿاري رهيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي راڄڌاني واشنگٽن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ

واشنگٽن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي رياست واشنگٽن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن سبب ڪيترائي علائقا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے