Home / پاڪستان / زرادري ۽ شريفن هڪ ئي ڪمپني ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي، آصف وڏي دل وارو ماڻهو آهي: شيخ رشيد

زرادري ۽ شريفن هڪ ئي ڪمپني ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي، آصف وڏي دل وارو ماڻهو آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته منهنجو سياسي تجزيو آهي ته 30 جون کان اڳ سڀئي چور جيل ۾ هوندا. حسن ابدال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته ” نجه صاحب“ لاءِ 25 ڪروڙ رپين جو منصوبو آهي، اسٽيشن جي ڀرپاسي ۾ قائم حددخليون 15 مارچ تائين ختم ڪرايون وينديون، 15 تاريخ تي مان پاڻ سک مهمانن جي آجيان ڪندس جڏهن ته ايندڙ سال تائين اها تاريخي اسٽيشن هوندي جڏهن ته  اڄ مان انتظام ڏسڻ آيو آهيان. شيخ رشيد جو چوڻ هوته منهنجو سياسي تجزيو آهي ته 30 جون کان پهريان پهريان سمورا جيل جي ۾ هوندا ، جنگ اچي وئي آهي تنهنڪري سمورا چور دير سان جيل ويندا، ظاهري طور تي ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي اهو پيغام ڏنو آهي ته ڳالهه ناهي مڃڻي جڏهن اندروني طور ٻئي مليل آهن. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته 15 تاريخ تي ڪمپني جو نالو ٻڌائندس جنهن آصف زرداري جي مني لانڊرنگ ڪئي اها ئي شهباز شريف جي به ڪري رهي آهي منهنجا ذريعا تمام گهڻو تيز آهن سوچي رهيو آهيان تعويزن جو ڪم ڪيان. هن چيو ته ڇهه ست سال ٿي ويا آهن مان ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ عمران خان مون کان وڌيڪ سچار آهي، آصف زرداري سٺو شخص، پئسا ڏيندو پر ن ليگ وارا ڪفن ۾ کيسو لڳرائي گڏ کڻي ويندا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے