Home / رانديون / يونس پاڪستاني جونيئر ٽيم جي هيڊڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار طور آڏو اچي ويو
Pakistan's Younis Khan leaves the field as the play is called off due to rain on day two of the first Test match between West Indies and Pakistan at the Sabina Park in Kingston, Jamaica, on April 22, 2017. / AFP PHOTO / Jewel SAMAD (Photo credit should read JEWEL SAMAD/AFP/Getty Images)

يونس پاڪستاني جونيئر ٽيم جي هيڊڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار طور آڏو اچي ويو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيم جي نالي واري اڳوڻي رانديگر يونس خان پاڪستاني جونيئر ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار طور سامهون آيو آهي ڪجهه شرطون طئي ڪرڻ کان پوءِ کيس ذميواري ڏني ويندي. تفصيل موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن موجب پاڪستان جو سڀ کان ڪامياب بيٽسمين يونس خان پاڪستاني جونيئر ٽيم جو هيڊ ڪوچ بڻجڻ لاءِ مضبوط اميدوار آهي پي سي بي ۽ يونس خان وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ ڊيڊ لاڪ جو تاثر غلط آهي پي سي بي جا ٻه وڏا جلد يونس خان سان هڪ ٻي ملاقات ڪندا جنهن ۾ امڪاني طور تي فائنل ڳالهه ٻولهه ٿيندي پي سي بي ذريعن موجب يونس خان، احسان ماني جي ملاقات اسلام آباد ۾ ٿي هئي يونس خان ۽ وسيم خان جي ملاقات، پي ايس ايل جي دوران ڪراچي ۾ ٿي هئي ذريعن جو چوڻ آهي ته يونس خان مشروط طور تي انڊر 19 ٽيم جو هيڊڪوچ بڻجڻ تي راضي ٿي ويو آهي ۽ ڪجهه شرطون پوريون ڪري يونس خان کي هي ذميواري ڏني ويندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي: ايرون فنچ

ٽائونٽن (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ايرون فنچ چيو آهي ته پاڪستاني دوري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے