Home / شوبز / عاليا ڀٽ کي پاڪستاني اداڪارا صنم سعيد جو محبت ڀريو جواب

عاليا ڀٽ کي پاڪستاني اداڪارا صنم سعيد جو محبت ڀريو جواب

ڪراچي (شوبز نيوز) نالي واري اداڪارا صنم سعيد ڀارتي اداڪارا عاليا ڀٽ جي تعريف جي جواب ۾ چيو آهي ته هوءَ عاليا طرفان “زندگي گلزار هي” ڊرامي ۾ سندس جي ڪردار جي تعريف ڪرڻ تي گھڻي خوش آهي. گذريل ڏينهن عاليا ڀٽ جي ان بيان ڀارتي ۽ پاڪستان ميڊيا تي گوڙ مچائي ڇڏيو هو ته هن فلم “ڪلنڪ” ۾ پنهنجي ڪردار کي بهترين انداز ۾ ادا ڪرڻ لاءِ پاڪستاني ڊراما سيريل “زندگي گلزار هي” جي ڪردار ڪشف مان رهنمائي حاصل ڪئي ۽ ڪشف جو ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستاني اداڪارا صنم سعد جي اداڪاري مان گھڻو ڪجهه سکيو. صنم سعيد عليا ڀٽ جي تعريف جي جواب ۾ فلم “ڪلنڪ” ۾ عاليا جي ڪردار لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪوڙيون خبرون نه آهن ته عاليا ڀٽ طرفان پنهنجي ڪردار ڪشف جي تعريف  ڪرڻ تي گھڻيس خوش آهيان.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهره خان انسٽاگرام تي 5 ملين ماڻهن فالو ر

ڪراچي: (شوبز) عالمي شهرت ماڻيندڙ اداڪاره ماهره خان پهرين پاڪستاني اداڪاره بڻجي وئي آهي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے