Home / سنڌ / وڏي وزيرڪراچي ۾ ٽريفڪ جام هجڻ ۽ گندگي جو نوٽيس ورتو، ڪاوڙ جو اظهار

وڏي وزيرڪراچي ۾ ٽريفڪ جام هجڻ ۽ گندگي جو نوٽيس ورتو، ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي(مانيٽرنگ ديسڪ) سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه صدر جي علائقي ۾ ٽريفڪ جام هجڻ سبب ڦاسي  پيو. وڏي وزير شهر ۾ هر هنڌ پکڙيل ڪچري جي ڍيرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ذميوارن کي گهر موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. خداداد ڪالوني کان واپس موٽندي وزيراعليٰ سنڌ بغير ڪنهن پروٽوڪول جي صدر لاءِ روانو ٿيو جتي معمول موجب ٽريفڪ جام هجڻ سبب وڏي وزير جي ڪاري پراڊو گاڏي ٽريفڪ ۾ ڦاسي پئي. اتي  ڪافي دير بيهڻ سبب وڏي وزير مراد علي شاهه رستي تي پيل ڪچري جي ڍيرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ذميوار کاتن جي ڪلاس وٺي ڇڏي. ڪمشنر ڪراچي کي ميونسپل آفيسرن سان گڏجاڻي ڪرڻ جي هدايت ڪندي حڪم جاري ڪري ڇڏيا ۽ حڪم ڏنو ته جيڪي ڪم نٿا ڪن ان کي فوري طور تي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه گاڏي ۾ ويٺي ايمپريس مارڪيٽ جو به معائنو ڪيو  ان کان پوءِ وزيراعليٰ هائوس لاءِ روانو ٿي ويو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻڻ لاءِ صوبن کان سفارشون طلب

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته هاڻي سڄي ملڪ ۾ تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے