نڪور خبرون
Home / پاڪستان / وزيراعظم عمران خان ۽ سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود سان ڪمانڊر جنرل ڪينٿ ميڪنزي ملاقاتون

وزيراعظم عمران خان ۽ سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود سان ڪمانڊر جنرل ڪينٿ ميڪنزي ملاقاتون

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ۽ سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي سان آمريڪي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر جنرل ڪينٿ ميڪنزي ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر وچ ۾  ٿيندڙ ملاقات ۾ آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾  ٿيندڙ ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم جنرل ڪينٿ مڪنزي کي افغان مفاهمتي عمل ۾  بهتر ڪردار ادا ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو امن افغانستان جي امن سان لاڳاپيل آهي ۽ اسان سچي دل سان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون. آمريڪي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر جنرل ڪينٿ ميڪنزي  نيول هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي  سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي نيول هيڊ ڪوارٽر اچڻ تي سندس آجيان ڪئي. سامونڊي فوج جي ترجمان موجب آمريڪي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ خطي جي ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران جنرل ڪينٿ ميڪنزي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي سلسلي ۾ هر قسم جي مدد جو يقين ڏياريو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر جنرل ڪينٿ مينز آرمي چيف جنرل قمر جاويد  باجوه سان به ملاقات ڪئي هئي. ملاقات ۾  علائقائي سلامتي ۽ موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ هلندڙ پاڪ ڀارت صورتحال ۽ افغانستان جي مامري تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آمريڪا جي ڪونيل يونيورسٽي جي شاگردن جي وفد ملاقات ڪئي هئي. آرمي چيف سان ملاقات ۾ آمريڪي شاگردن جو چوڻ هو ته پرامن ۽ خوبصورت پاڪستان جي حقيقت پاڻ سان گڏ کڻي وڃي رهيا آهيون. شاگردن سان ملاقات ۾ آرمي چيف پاڪستان ۾ پائيدار امن جي سفر تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نوجوانن جو هر شعبي ۾ اهم ڪردار هوندو آهي ۽ نوجوان ئي مستقبل جي قيادت آهن. آمريڪي سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سينٽ ڪام جي نئين ڪمانڊر ٻن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ دوري دوران پاڪستان ۾ سول ۽ عسڪري قيادتن سان ملاقاتن کان علاوه سول سوسائٽي جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪيون. آمريڪي سفارتخاني موجب جنرل ڪينٿ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي آمريڪي عزم کي ورجايو جڏهن ته افغان امن عمل جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار تي به ڳالهايو. سينٽ ڪام ڪمانڊر دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جي به واکاڻ ڪئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے