Home / پاڪستان / حمزا شهباز کي ٻيهرگرفتار ڪرڻ جي ڪوشش، هاءِ ڪورٽ نيب کي روڪي ڇڏيو

حمزا شهباز کي ٻيهرگرفتار ڪرڻ جي ڪوشش، هاءِ ڪورٽ نيب کي روڪي ڇڏيو

لاهور (م ڊ) نيب جي وڏي نفري هڪ دفعو ٻيهر حمزه شهباز جي گرفتاري لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي گهر جو گهيرو ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب نيب جي ٽيم پوليس جي وڏي تعداد سان گڏ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي ماڊل ٽائون ۾ واقع گهر ڇانوي ايڇ جو ٻيهر گهيرو ڪري ورتو آهي.  جنهن ته نيلگ ڪارڪن ۽ نيب ٽيم کي گهر اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، پوليس سان چڪريون ٿيون ذريعن موجب نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته  گهر جو گهيرو حمزه شهباز جي گرفتاري جي سلسلي ۾ ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته نيب حمزه شهباز کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ۾ گرفتاري جي لاءِ ڇاپو هنيو آهي. نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته اسان وٽ حمزه شهباز جي خلاف پڪا ثبوت آهن ۽ ان جي بنياد تي ڇاپو هنيو ويو آهي. نيب اختيارين موجب اسان گذريل ڏينهن مني لانڊرنگ جي سلسلي ۾ بن ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو جنهن مان ملندڙ شاهدين جي روشني ۾ حمزه شهباز، سليمان شهباز ۽ ان جي ماءُ جي اڪائونٽن ۾ ڪروڙين روپين جي منتقلي ٿي آهي. ان سلسلي ۾ نيب کي حمزه شهباز کي گرفتار ڪرڻو آهي. هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز شريف جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس 8 اپريل تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. حمزا شهباز شريف جي وڪيل  ايڊووڪيٽ امجد پرويز لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي ۽ درخواست تي اڄ ئي ٻڌڻي جي درخواست ڪئي.  لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار شميم خان حمزا شهباز شريف جي وڪيل جي متفرق درخواست تي ٻڌڻي ڪندي نيب کي حمزا شهباز شريف  کي 8 اپريل تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.  لاهور هاءِ ڪورٽ حمزا شهباز شريف جي عبوري ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي لاءِ 2 رڪني بئنچ جوڙي ڇڏيآهي جيڪا سومر تي ٻڌڻي ڪندي.  حمزا شهباز کي بئنچ جي روبرو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے