Home / پاڪستان / عمران خان پنهنجي نالائقي لڪائڻ لاءِ نيب کي استعمال ڪري رهيو آهي: مريم اورنگزيب

عمران خان پنهنجي نالائقي لڪائڻ لاءِ نيب کي استعمال ڪري رهيو آهي: مريم اورنگزيب

لاهور (م ڊ)  مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب حمزه شهباز جي گرفتاري جي لاءِ نيب جي ڇاپن تي ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي نالائقي لڪائڻ لاءِ نيب کي رياستي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. هڪ انٽرويو دوران مريم اورنگزيب چيو ته نيب طرفان رياستي دهشتگردي ڪئي پئي وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي  جي روشني ۾ نيب حمزه شهباز کي گرفتار نٿي ڪري سگهي. نيب لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي سپريم ڪورٽ وئي آهي پر سپريم ڪورٽ ان معاملي تي ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي کي پنهنجي مرضي مطابق استعمال نٿو ڪري سگهجي. هن وزيراعظم تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان گذريل ڏينهن کلي عام چيو هو ته هو سموري مخالف ڌر کي جيلن ۾ وجهڻ آيو اهي. ان جي ڪارڪردگي اڄ سڀني جي سامهون آهي. ڄاڻي واڻي پنهنجي نالائقي تان نظر هٽائڻ جي لاءِ هي سڀ  ڪجهه ڪيو پيو وڃي. ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو قانون نه آهي. سڀني کي جيلن ۾ وجهڻ لاءِ رياستي دهشتگردي ڪئي پئي وڃي.  ليگي ترجمان موجب عمران خان نيب کي رياستي دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. پهريان عمران خان ڪنٽينر تي چڙهي رياست کي ڌمڪيون ڏيندو هو ۽ اڄ ڪرسي تي ويهي مخالف ڌر کي جيلن ۾ وجهڻ لاءِ رياست کي استعمال ڪري رهيو آهي. عمران خان ڄاڻي واڻي عوام کي بيوقوف ڪرڻ لاءِ هي سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن نيب آزاد هجي ها ته ان جي اڳواڻي وزيراعظم عمران خان، فواد چوڌري ۽ شهباز گل نه ڪندا هجن ها. هن وڌيڪ چيو ته حمزه شهباز جي محافظن ڪهڙي دهشتگردي ڪئي ۽ تشدد ڪيو هو اهو به ته صحافين کي ٻڌايو پيو وڃي. هن نو اپريل تي نيب پاران پيشي لاءِ مليل نوٽيس ملڻ جي به ترديد ڪندي چيو ته حمزه شهباز پنهنجي بيمار ڌيءَ کي ڇڏي واپس آيو ۽ نيب جي سامهون پيش ٿيو. هي سڀ ڪجهه ان ماڻهو سان ڪيو ويو آهي جيڪو هر پيشي تي حاضري ڀريندو آهي ۽ تعاون ڪندو آهي. جيڪڏهن انڪوائري دوران ڪنهن کي گرفتار ڪرڻو آهي ته پهرين وزيراعظم کي گرفتار ڪيو وڃي. نيب ۾ پيشي دوران حمزه شهباز جي سامهون مني لانڊرنگ جا ثبوت ڇو ڪونه رکيا ويا.؟ مريم اورنگزيب چيو ته هن وقت ملڪ ۾ هڪ آمر جي حڪومت آهي ۽ ڪابينه ۾ مشريم جي ٽيم شامل آهي. عمران خان جي ذهنيت آمرانه آهي ۽ هو شين کي ڄاڻي واڻي منجهائي رهيو آهي.  اسان ڪڏهن به هنن جي سامهون نه جهڪنداسين. اسان  هميشه غريب عوام جي حقن ۽ اصولن جي سياست ڪئي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے