نڪور خبرون
Home / رانديون / پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اوپننگ بيٽسمين جي کوٽ آهي: محسن حسن خان
Pakistan's coach Mohsin Khan during a presentation ceremony after England victory in the fourth and final One Day International (ODI) match between Pakistan and England at the Dubai International cricket Stadium in Dubai Sports City on February 21, 2012. England won the fourth and final day-night international against Pakistan by four wickets here to sweep the series 4-0. AFP PHOTO/ LAKRUWAN WANNIARACHCH (Photo credit should read LAKRUWAN WANNIARACHCHI/AFP/Getty Images)

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اوپننگ بيٽسمين جي کوٽ آهي: محسن حسن خان

اسلام آباد (اسپوٽس) پاڪستان ڪرڪيٽ ڪميٽي جي چيئرمين محسن حسن خان چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ خصوصي اوپننگ سلاٽ جي کوٽ آهي، جنهن سبب 2019ع جي ورلڊڪپ ۾ اهم خدشو پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستاني ٽيم پنهنجو مڊل آرڊر جوڙي نه ٿي سگهي، جنهن سبب فقط 2 رانديگرن تي گهڻو دٻاءُ پوندو. هن چيو ته معياري آل رائونڊر مئچ جي ڪاميابي لاءِ ضروري هوندا آهن. هن ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڀريو ته ايندڙ ميگا ايونٽ جون ڪجهه مئچون کٽڻ لاءِ دستياب آل رائونڊرز جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو وڃي. محسن حسن خان جسماني فٽنيس کان رانديگرن  جي ذهني فٽنيس کي وڌيڪ اثرائتو قرار ڏنو. هن چيو ته آسٽريليا سان تازو کيڏيل ون ڊي سيريز دوران پاڪستاني رانديگرن ذهني فٽنيس جي لحاظ کان بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو  نه ڪيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽيم جا ست رانديگر تبديل ٿيندا: شعيب اختر

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته ورلڊ ڪپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے