Home / پاڪستان / شريف ڀائر چون ٿا ته قانون سندن مرضي سان هلي، هلندر ڊرمي جو مرڪزي ڪردار حمزا شهباز آهي: فواد چوڌري
---

شريف ڀائر چون ٿا ته قانون سندن مرضي سان هلي، هلندر ڊرمي جو مرڪزي ڪردار حمزا شهباز آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن چاهين ٿيون ته قوم جو پئسو سندن کيسن ۾ وڃي ۽ ڪير پڇاڻو ئي نه ڪري. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته حمزا شهباز عورتن ۽ ٻارڙن کي ڍال طور استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته حمزا شهباز پاڻ کي گهر جي تهه خاني ۾ لڪائي ڇڏيو آهي، گرفتار ٻن ماڻهن بيان ڏنو ته هو شريف خاندان لاءِ ڪم ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته  نيب طاقت جو استعمال ڪري ته ڪير کين روڪي نه ٿو سگهي، نيب آفيسرن وٽ قانوني طاقت آهي.  فواد چوڌري چيو ته ماڊل ٽائون ۾ جهڙي نموني مسلم ليگ ن آپريشن ڪيو اهو سڀني سامهون آهي. هن چيو ته  وقت اچي ويو آهي ته سياست ۽ ڏوهه ۾ فرق ڪيو وڃي، عوام جو ڦريل پئسو هر صورت ۾ واپس آندو ويندو. سندس چوڻ هو ته شريف ڀائر چون ٿا ته قانون سندن مرضي سان هلي، ماڻهو کين هٿ وجهن ٿا ته هي جمهوريت جي پويان لڪي وڃن ٿا.  فواد چوڌري چيو ته لاهور ۾ هلندڙ ڊرامي جو مرڪزي ڪردار حمزا شهباز آهي، سندس گرفتاري لاءِ ماڊل ٽائون ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے