Home / سنڌ / ايم ڪيو ايم ۽ عمران خان جو نظريو هڪ آهي، ٻئي دهشتگردن جا وڏا حمايتي رهيا آهن: خورشيد شاهه

ايم ڪيو ايم ۽ عمران خان جو نظريو هڪ آهي، ٻئي دهشتگردن جا وڏا حمايتي رهيا آهن: خورشيد شاهه

سکر (بيورو ) پ پ جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نيب آزاد ادارو آهي ته پي ٽي آءِ لاءِ آزاد ڇو ناهي،  پهريون نواز شريف ۽ هاڻي حمزا شهباز خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نيب ٺاهڻ جو مقصد ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو هو،  نيب جو ٽرينڊ هلي چڪو آهي ته ملڪ ۾ سياستدان ڪرپٽ آهن. هن چيو ته ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن رڳو سياستدانن کي گرفتار ڪيو وڃي ته غلط آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جون نيب چيئرمين سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن، ايم ڪيو ايم ۽ عمران خان جو نظريو هڪ آهي، ٻئي دهشتگردن جا حمايتي رهيا آهن.  خورشيد شاهه چيو ته  سليڪٽر سٺا رانديگر چونڊيندا آهن پر هن ڀيري غلطي ٿي وئي، سليڪٽرن کي چونداسين ته سٺن رانديگرن جي چونڊ ڪن.  هن چيو ته عمران خان سڀ کان وڏو ڪوڙ ڳالهايو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندو،  ستن مهينن ۾ هڪ ماڻهو کي نوڪري نه ڏني وئي آهي، ستن مهينن ۾ بجلي، گئس، پئٽرول ۽ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي.  خورشيد شاهه چيو ته عمران خان مان سڀ مايوس آهن، حڪومت کي عوام جي مسئلن جي ڄاڻ ناهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران هڪ شخص اڻ سڌي ريت اين آر او گهريو: فردوس عاشق

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے