Home / انٽرنيشنل / تاج محل ۾ پاڪستان زنده باد جي نعرن جي گونج

تاج محل ۾ پاڪستان زنده باد جي نعرن جي گونج

اسلام آباد(م ڊ)  ڀارت جي انتهاپسند مودي سرڪار پنهنجي ڪوڙ ۽ غلط بياني سبب گهڻن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي پر ان باوجود هو پنهنجي ڪرتوتن کان باز نٿي اچي. پاڪستان دشمني سبب هو هاڻ اهڙا قدم کڻي رهيا آهن جنهن سان سندس ئي ملڪ ۾ رهندڙ سندن شهري ماضي کان وڌيڪ هاڻ وڌيڪ بيزار ٿي ويا آهن. مودي سرڪار کان نفرت ڪندڙن محبت جي قديمي ۽ تاريخي علامت قرار ڏنل تاج محل ۾ پاڪستان زنده باد جا نعرا شروع ٿي ويا. جڏهن ته ڀارتي اختيارين ظلم جي هڪ ٻئي مثال قائم ڪندي سري نگر جي قديم تاريخي جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز جي ٻانگ ڏيڻ تي پابندي هڻي ڇڏي  ۽ مسلمانن کي نماز به پڙهڻ نه ڏني وئي. ذريعن موجب مغل بادشاهه شاهجهان جي سالياني عرس جي موقعي تي نوجوانن جو هڪ گروپ تاج محل ۾ داخل ٿيو ته اندر داخل ٿيڻ شريط ئي هنن“پاڪستان زنده باد” جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. پاڪستان زنده باد جي نعرن جي گونج سان ڀريل وڊيو کي سماجي رابطي واري ويب سائيٽ تي به شيئر ڪيو ويو آهي جيڪا ٿوري ئي دير ۾ پوري دنيا ۾ ڦهلجي وئي آهي. وڊيو جي شيئر ٿيڻ سان ڀارتي اختيارين جون ڊوڙون لڳي ويون ۽ سرڪاري طور تي ڦڙڦوٽ پئجي وئي آهي. ڀارتي ذريعن موجب ڀارتي اختيارين وڊيو ڏسڻ کان پوءِ هڪ شهري جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي ۽ سيڪيورٽي ايجنسي کي سندس گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب جنهن نوجوان جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي  اهو هڪ اهڙي گروپ ۾ شامل آهي جيڪو عرس جي موقعي تي سائي چادر کڻي تاج محل ۾ داخل ٿيو هو. ڀارت جي مختلف شهرن ۾ ان کان اڳ به پاڪستان زنده باد جي نعرن جي گونج رهي آهي ۽ پاڪستان جو جهنڊو لهرائڻ تي ڪيترن ئي ماڻهن  کي تشدد جو نشانو به بڻايو ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوازشريف کي ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو وزيراعظم کي پسند نه آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نوازشريف کي ٻاهر موڪلڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے