Home / سنڌ / ايم ڪيو ايم جي وزيرن عوام جي بحالي لاءِ ڪم نه ڪيو آهي: فاروق ستار

ايم ڪيو ايم جي وزيرن عوام جي بحالي لاءِ ڪم نه ڪيو آهي: فاروق ستار

ڪراچي(رپورٽر ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي وزيرن عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو به ڪم نه ڪيو آهي. ڪراچي ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ آهي، عوامي پڇي ته پاڻي جي مسئلي تي هنن ڇا ڪيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، فروغ نسيم ۽ٻين وزيرن کان به عوام سوال ڪري، ڪراچي وارن جا دڪان ٽوڙيا ويا، عوام ان بابت به  ايم ڪيو ايم پاڪستان کان سوال ڪري.  هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا وزير نفيس ڪيئن ٿي ويا ان سوال جو جواب ته وزير پاڻ ڏيندا، ايم ڪيو ايم ۾ ووٽر، شهيد ۽ ڪارڪن نفيس آهن، ايم ڪيو ايم جي وزيرن ۽ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم نه ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم مان جاگيردار ۽ وڏيرا نڪري وڃڻ وڌيڪ ڪابه پارٽي بهتر ناهي. فاروق ستار چيو ته وزيراعظم عمران خان طرفان حيدراباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان سٺو سنوڻ آهي،  ايم ڪيو ايم ماضي ۾ حيدرآباد جي خدمت نه ڪري سگهي، ڇو ته ٻين پارٽين کان سهڪار نه مليو آهي،  اسان کي ڪراچي لاءِ 162 ارب رپين جو پيڪيج نه گهرجي، اهو واپس وٺي سرڪلر ريلوي جو نظام بحال ڪيو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے