لاهور (م ڊ) ايف بي آر مشهور راڳي راحت فتح علي خان کي نوٽيس جاري ڪندي بئنڪ اڪائونٽن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته راڳي راحت فتح علي خان جو انڪم ٽيڪس سال 2016ع جو آڊٽ ڪيو پيو وڃي. ان ئي سلسلي ۾ راحت فتح علي خان کان سال 2016ع جو سمورو ريڪارڊ طلب ڪندي تفصيلن جي فراهمي لاءِ ستن ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته راحت فتح علي خان ستن ڏينهن ۾ تفصيل فراهم نه ڪيا ته سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته ان کان اڳ ايف بي آر گلوڪار راحت فتح علي خان جو سال 2014ع ۽ 2015ع جو آڊٽ ڪري چڪو آهي.
