Home / شوبز / انجلينا جولي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار
Mandatory Credit: Photo by Vianney Le Caer/Invision/AP/REX/Shutterstock (9421617ja) Angelina Jolie poses for photographers upon arrival at the BAFTA Film Awards, in London Britain BAFTA Awards 2018 Arrivals, London, United Kingdom - 18 Feb 2018

انجلينا جولي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار

نيويارڪ (شوبز) گڏيل قومن جي خير سگالي جي سفير 43 سالن جي آمريڪي ماڊل انجلينا جولي چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. کيس اميد آهي ته هو جلد ئي ان عهدي تي مقرر ٿي ويندي. عرب خابرو اداري موجن انجلينا جولي رسالي پيپل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو ته مونکي قطعي طور مايوسي ناهي ته آئون گڏيل قومن جي سيڪريٽري جو عهدو حاصل نٿي ڪري سگهان. منهنجو ويزن مونکي هڪ ڏينهن ان عهدي تائين پهچائي سگهي ٿو. گڏيل قومن جي پناهگيرن لاءِ قائم هاءِ ڪميشن جي خدمتن بابت ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته پناهگيرن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ امن فوج مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن جو چوڻ هو ته پناهگيرن کي جنسي تشدد کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري کي اثرائتا قدم کڻڻا پوندا

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

انجيليا جولي ۽ بريڊ پٽ باضابطه طورتي جدا ٿي ويا

لاس اينجلس (شوبز ) هالي وڊ اداڪاره ابنجيليا جولي ۽ بريڊ پٽ وچ ۾ ڪطئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے