Home / انٽرنيشنل / ترڪي ۾ فوج خلاف بغاوت جي سرواڻ اردوان کي وڏن شهرن جي عوام رد ڪري ڇڏيو

ترڪي ۾ فوج خلاف بغاوت جي سرواڻ اردوان کي وڏن شهرن جي عوام رد ڪري ڇڏيو

انقرا ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ترڪيءَ جي مڪاني چونڊن ۾ صدر رجب طيب اردگان جي پارٽي ” اي ڪي پارٽي “ کي گادي واري شهر انقرا ۾ سميت ٻن وڏن شهرن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي، جنهن بعد طيب اردگان جي پارٽي پنهنجي هار مڃي ورتي آهي. ترڪ ميڊيا جي رپورٽن موجب مخالف ڌر پارٽي ريپبلڪن پيپلز پارٽي جي اميدوار منصورياواس انقرا ۾ واضح سرسري حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته استنبول ۾ ٻنهي پارٽين وچ ۾ ننهن چوٽيءَ جو مقابلو آهي.  ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي اقتدار جي 16 سالن ۾ مڪاني چونڊن ۾ سندس پارٽي کي گادي واري شهر انقرا ۾ پهريون دفعو شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي جڏهن ته ملڪ جي واپاري شهر استنبول ۾ مڪمل نتيجا ناهن آيا، ان کان اڳ ئي رجب طيب اردگان پنهنجي هار تسليم ڪري ورتي آهي.  رجب طيب اردگان 90 جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي سياسي سفر جي شروعات استنبول جي ميئرشپ سان ڪئي هئي ۽ هاڻ پهريون ڀيرو ملڪ جي سڀ کان وڏي واپاري شهر مان ميئرشپ سندس پارٽي جي هٿن مان نڪري چڪي آهي. انقرا ۾ پنهنجي حمايتن کي خطاب ڪندي رجب طيب اردگان استنبول ۾ به شڪست مڃيندي چيو ته هاڻ سمورو ڌيان واپار کي بهتر بڻائڻ تي هوندو. ٻئي پاسي مخالف ڌر پارٽي ريپبلڪن پيپلز پارٽي جي سربراهه ڪيمل ڪلڪ ڊراگلو جو چوڻ آهي ته عوام جهموريت جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ جهموريت جي چونڊ ڪئي آهي. واضح رهي ته ترڪي جي ٽن وڏن شهرن، استنبول، انقرا ۽ ازمير رجب طيب اردگان جي پارٽي اي ڪي جا مضبوط ڳڙهه سمجها ويندا هئا .

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوازشريف کي ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو وزيراعظم کي پسند نه آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نوازشريف کي ٻاهر موڪلڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے