Home / پاڪستان / حڪومت پئٽرول ۽ ڊيزل ۽ اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو فوري طور واپس وٺي: شهباز شريف

حڪومت پئٽرول ۽ ڊيزل ۽ اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو فوري طور واپس وٺي: شهباز شريف

لاهور ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) مسلم ليگ ( ن ) جي صدر ۽ قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ تي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته مهانگائي جي سونامي پاڪستاني عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، قيمتن ۾ واڌ واري حڪم تي صحيح ڪندي عمران خان جا هٿ ڇو نٿا ڏڪن ! مخالف ڌر اڳواڻ مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت پئٽرول ۽ ڊيزل ۽ اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺي.  واضح رهي ته حڪومت پئٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 6،6 رپيا في ليٽر جڏهن ته لائٽ اسپيڊ ڊيزل جي تيل جي اگهن ۾ في ليٽر 3،3 رپيا واڌ ڪئي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے