Home / پاڪستان / سياسي جماعتون راضي نه ٿينديون ته فوجي عدالتن جو مدو نه وڌائينداسين: وفاقي سرڪار

سياسي جماعتون راضي نه ٿينديون ته فوجي عدالتن جو مدو نه وڌائينداسين: وفاقي سرڪار

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته حڪومت سمجهي ٿي ته ملڪ کي فوجي عدالتن جي اڃا به ضرورت آهي پر جيڪڏهن سياسي پارٽيون متفق نه ٿيون ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.  برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ سياسي پارٽين جي اتفاقِ راءِ تي ڀاڙي ٿو ۽ حڪومت ان معاملي تي اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.  فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر پارٽين ۾ اتفاقِ راءِ ٿئي ٿئي ٿي ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ٿيندي، جيڪڏهن باقي پارٽيون سمجهن ٿيون ته هاڻ واڌ جي ضرورت ناهي ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي. سڌ سماءُ واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته فوجي عدالتن جو قيام غيرمعمولي حالتن ۾ هڪ غيرمعمولي قدم هو، اسان سمجهون ٿا ته فوجي عدالتون ڪاميابي سان ڊيليور به ڪيو آهي. فواد چوڌري چيو ته دهشتگردي کي مڪمل شڪست ڏيڻ جي ويجهو آهيون، اسان سمجهون ٿا ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ضروري هئي ۽ هاڻ به ڏاڍو سٺو ٿيندو ته اها واڌ ڏني وڃي.  ياد رهي ته دهشتگردي بابت ڪيسن جي تيز پيروي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تحت قائم ڪيل فوجي عدالتن جو ٻيو ٻن سالن وارو آئيني مدو گذريل ڏينهن مڪمل ٿي ويو هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

لياقت قائمخاني جو راهداري رمانڊ منظور، سانگهڙ ۾ اربين رپين جي زمين جو انڪشاف

ڪراچي /اسلام آباد ( رپورٽ) اڳوڻي ڊي جي پارڪس لياقت قائمخاني جو ٻن ڏينهن جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے