نڪور خبرون
Home / رانديون / هلندڙ سال شيڊول آءِ سي سي ورلڊڪپ 1992ع ۾ منعقد ٽورنامينٽ جي طرز تي کيڏيو ويندو

هلندڙ سال شيڊول آءِ سي سي ورلڊڪپ 1992ع ۾ منعقد ٽورنامينٽ جي طرز تي کيڏيو ويندو

دبئي (اسپوٽس)  انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي اهتمام هيٺ هلندڙ سال شيڊول عالمي ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 30 مئي کان انگلينڊ ۾ شروع ٿيندو. ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ  ٻيهر 1992ع جي طرز تي منعقد ٿيندو. تفصيل مطابق ميگا ايونٽ ۾ شريڪ 10 ٽيمون هڪ ٻئي سان مئچون کيڏنديون جن مان 4 بهترين ٽيمون سيمي فائينل ۾ جاءِ والارينديون، سيمي فائنلز ۽ فائينل لاءِ ريزر ڊي به رکيو ويو آهي. 46 ڏينهن واري ايونٽ ۾ 11 مختلف هنڌن تي 48 ميچون کيڏيون وينديون. انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ 30 مئي تي افتتاحي مئچ سان ايونٽ جي شروعات ٿيندي جڏهن ته لارڊز 14 جولاءِ تي پنجون ڀيرو فائينل مئچ جو ميزبان هوندو. آءِ سي سي طرفان جاري  پڌرائي مطابق آءِ سي سي ورلڊڪپ ٻيهر 1992ع ۾ منعقد ٿيل ورلڊڪپ جي طرز تي کيڏيو ويندو. جنهن تحت 10 تيمون هڪٻئي سان مئچون کيڏنديون جن مان 4 بهترين ٽيمون سيمي فائينل جون اهل هونديون. 46  ڏينهن جي ايونٽ جي 48 مئچون 11 مختلف  هنڌن لارڊز، اوول، ايچيشن، ٽرينٽ برج، هيڊنگلي، اولڊ ٽريفورڊ، ٽائوٽن، برسٽول، چيٽرلي اسٽريٽ، سائوٿمپٽن ۽ ڪارڊف ۾ کيڏيون وينديون. اوول 30 مئي تي انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ افتتاحي ۽ لارڊز 14 جولاءِ تي فائينل مئچ جو ميزبان هوندو. لارڊز پنجون ڀيرو فائينل جي ميزباني جو اعزاز حاصل ڪندو. 9 جولاءِ تي پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ پوزيشن تي پهچندڙ ٽيم ۽ چوٿين نمبر جي ٽيم وچ ۾ پهريون سيمي فائينل اولڊ ٽريفورڊ  ۾ کيڏيو ويندو.  ٻن ڏينهن بعد ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن تي ايندڙ ٽيمن وچ ۾ ٻيو سيمي فائينل ايجسٽن کيڏيو ويندو. دفاعي چيمپيئن آسٽريليا جي ٽيم 2 جون تي افغانستان خلاف مهم شروع ڪندي. 16 جون تي پاڪستان ۽ روايتي حريف ڀارت جون ٽيمون اولڊ ٽريفورڊ ۾ هڪ ٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون. هي اهو ئي ماڳ آهي جڏهن 1999ع ۾ منعقد ٿيل ورلڊڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سپر 6 مقابلي جي ميزباني ڪئي هئي. ايونٽ ۾ رڳو 7 مئچون ڊي اينڊ نائيٽ جڏهن ته سيمي فائينل ۽ فائينل سميت س موريون مئچون ڊي هونديون. واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم 31 مئي تي ابتدائي مئچ ۾ ويسٽ انڊيز خلاف مهاڏو اٽڪائيندي. گرين شرٽس ايونٽ ۾ پنهنجي ٻئين مئچ 3 جون تي انگلينڊ، ٽئين مئچ 7 جون تي سري لنڪا، چوٿين مئچ 12 جون تي ڪينگروز، پنجين مئچ 16 جون تي روايتي حريف ڀارت، ڇهين مئچ 23 جون تي ڏکڻ آفريقا، ستين مئچ 26 جون  تي نيوزيلينڊ، اٺين مئچ 29 جون تي افغانستان جڏهن ته نائين ۽ آخري مئچ 5 جولاءِ تي بنگلاديش خلاف کيڏندي. ايونٽ جا سيمي فائينلز 9 ۽ 11 جولاءِ تي شيڊيول آهن. 14 جولاءِ تي برسات جي صورت ۾ فائينل 15 جولاءِ تي کيڏيو ويندو. ٻنهي لاءِ ريزروڊي رکيا ويا آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان خلاف سيريز کانپوءِ سريلنڪن ٽيم وطن واپس رواني

لاهور (شوبز نيوز) محبتن جا گل گڏ ڪري سريلنڪن ٽيم وطن واپس رواني ٿي وئي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے