Home / انٽرنيشنل / دهشتگردي جي خاتمي واري سياست سان عالمي ادارن جي ساک متاثر ٿيندي: مليحا لوڌي

دهشتگردي جي خاتمي واري سياست سان عالمي ادارن جي ساک متاثر ٿيندي: مليحا لوڌي

نيويارڪ ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ڊاڪٽر مليحا لوڌي چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي واري سياست سان عالمي اداري کي ساک متاثر ٿيندي.  گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ دهشتگرديءَ جي روڪٿام بابت اجلاس کي خطاب ڪندي مليحا لوڌي چيو ته  اسان کي دهشتگردي جي علامت نه پر سبب کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته  عالمي برادري کي ڪشمير ۾ جاري ظلم ۽ رياستي دهشتگردي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته  پاڪستان جي گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندي واضح ڪيو ته گڏيل قومن جي دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ ادارن کي ڪجهه ملڪن جي سياسي مفادن کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. مليحا لوڌي چيو ته  پاڪستان ۾ قومي ايڪشن پلان  ذريعي دهشتگردي جي مضبوط ۽ جٽادار پاليسي بڻائي وئي آهي، هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. مليحا لوڌي چيو ته دهشتگرد تنظيمن جي مالي مدد ۽ ٻين ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ قومي ادارن کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف مخالف ڌر بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد: (م ڊ) مخالف ڌر سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے