نڪور خبرون
Home / سنڌ / عليم خان جي گرفتاري هڪ ڊرامو آهي، قوم سڀ ڄاڻي پئي: سعيد غني

عليم خان جي گرفتاري هڪ ڊرامو آهي، قوم سڀ ڄاڻي پئي: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر ) پ پ اڳواڻ ۽ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته احتساب جي نالي تي تماشو ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن جاچ جي مرحلي تي آغا سراج دراني گرفتار ٿي سگهي ٿو ته وزيراعظم کي به گرفتار ڪيو وڃي. ڪراچيءَ جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيان سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته نيب ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي، غير قانوني گرفتاري تي نيب چيئرمين جو ضمير نه ٿو جاڳي، لڳي ٿو ته نيب ٺهي ئي پ پ وارن لاءِ آهي. هن چيو ته سڀني سان برابري وارو رويو رکيو وڃي، ملڪ ۾ هڪ قانون آهي ۽ آئين آهي، مون کي ٻڌايو وڃي ته پنجاب جي ڪهڙي ڪيس جو ٽرائل سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي، ڪجهه چئون ٿا ته چيو پيو وڃي ته سنڌ ڪارڊ استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته اسان جي جان نه ٿي ڇڏي وڃي، ملڪ سان وفاداري جي سزا ڏني پئي وڃي،  جيڪڏهن ڪنهن جي گهر وارن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي ته پرويز خٽڪ ۽عليم خان جي گهر وارن خلاف به ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته آغا سراج روپوش هو ۽ نه وري نيب جي ڇاپن کان ڀڄي رهيو هو، اهو تاثر ڇو پيدا ڪيو پيو وڃي ته سنڌ خلاف ڪارروائي راولپنڊي ۽ اسلام آباد مان ڪئي پئي وڃي، اسان حڪمرانن جو ضمير جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سعيد غني چيو ته ڇا پي ٽي آءِ وارن جي گهر تي به اهڙو ڇاپو هنيو ويو، وزيرن کي ڪير اطلاع ڏيندو آهي ته پ پ جون گرفتاريون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته عليم خان جي گرفتاري هڪ ڊرامو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے