Home / پاڪستان / پلواما واقعي بابت ڀارتي ڊوزيئر جو تفصيلي جائزو ورو، پلواما واقعي سان ڪو تعلق ثابت نه ٿيو: پرڏيهي ترجمان

پلواما واقعي بابت ڀارتي ڊوزيئر جو تفصيلي جائزو ورو، پلواما واقعي سان ڪو تعلق ثابت نه ٿيو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته  پلواما واقعي بابت ڀارت جي موڪليل ڊوزيئر تي جاچ ڪئي جنهن جي روشني ۾ ڪنهن پاڪستاني جو واقعي سان ڪو تعلق ثابت نه ٿي سگهيو، ڀارت طرفان خلا ۾ ميزائل تجربا عالمي امن لاءِ خطرو آهن.  پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته وزيراعظم عمران خان پلواما حملي جي جاچ ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي، جاچ موجب پاڪستان جو پلواما حملي ۾ ڪو به هٿ ناهي، جڏهن ته ڀارت کان وڌيڪ شاهديون ۽ ڄاڻ گهري آهي.  هن چيو ته  گهوٽڪي جي ٻن ڀينرن بابت ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جو بينا اليڪشن ۾ ووٽ لاءِ آهي.  هن چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس ۾ ملوث جوابدارن جي بريت انصاف سان هٿ چراند آهي، حملي ۾ ملوث سمورا جوابدار پنهنجي ڏوهه جو اعتراف چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته ڀارت سان ڪرتارپور راهداري بابت خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته  پاڪستان شامي علائقي تي اسرائيلي قبضو قبول ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي، آمريڪي فيصلو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے