Home / انٽرنيشنل / ڪرائيسٽ چرچ سانحي جي جاچ لاءِ رائل ڪميشن جوڙڻ جو اعلان

ڪرائيسٽ چرچ سانحي جي جاچ لاءِ رائل ڪميشن جوڙڻ جو اعلان

ڪرائسٽ چرچ ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊن ڪرائسٽ چرچ سانحي تي رائل ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.  نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊن ڪابينا اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرائسٽ چرچ سانحي تي رائل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، رائل ڪميشن سنگين ترين واقعي تي جوڙي ويندي آهي ۽ ڪرائسٽ چرچ واقعو به سنگين ترين آهي.  نيوزيلينڊ جي وزيراعظم چيو ته ڪجهه ماڻهو سوال ڪري رهيا آهن ته ڪرائسٽ چرچ حملو ڪيئن ٿيو، حملي ۾ سوشل ميڊيا ۽ ايجنسين جي ڪردار بابت به پڇو پيو وڃي. ٻئي پاسي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڇنڇر ڏينهن چين جو دورو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته چين جي وزيراعظم ۽ صدر سان ملاقات ڪنديس جڏهن ته چين ۾ نيوزيلينڊ جي سفارتخاني جو افتتاح پڻ ڪيو ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوازشريف کي ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو وزيراعظم کي پسند نه آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نوازشريف کي ٻاهر موڪلڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے