Home / پاڪستان / سنگين غداري ڪيس، پرويز مشرف پاڻ، وڊيو لنڪ يا وڪيلن ذريعي بيان قلمبند ڪرائي: چيف جسٽس

سنگين غداري ڪيس، پرويز مشرف پاڻ، وڊيو لنڪ يا وڪيلن ذريعي بيان قلمبند ڪرائي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ بئنچ پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پرويز مشرف سامهون ٽي آپشن رکي ڇڏيا، عدالت چيو ته هڪ آپشن آهي ته پرويز مشرف ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿي، ٻيو آپشن آهي ته پرويز مشرف وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪرائي، ٽيون آپشن آهي ته پرويز  مشرف جا وڪيل جواب ڏين. عدالت پرويز مشرف جي وڪيل جي التوا جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته  سٺو آهي ته پرويز مشرف بدران سندس وڪيل سلمان صفدر جواب ڏي، پرويز مشرف ته مڪا ڏيکاريندو آهي، اهو نه ٿي ته عدالت کي به مڪا ڏيکاري، اسان کي گذريل ٻڌڻي ته اندازو هو ته پرويز مشرف اسپتال ۾ داخل ٿي ويندو.  درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پرويز مشرف عدالت کي سنجيدگي سان نه ورتو آهي. چيف جسٽس چيو ته سوال اهو آهي ته هڪ جوابدار پيش نه ٿي رهيو آهي، هاڻي ڇا ٿي سگهي ٿو، هڪ جوابدار ڄاڻي ٻجهي پيش نه ٿو ٿي ته ڇا عدالت بلڪل بيوس آهي.  هن چيو ته جيڪڏهن قانون اهڙي صورتحال تي خاموش آهي ته آئين سپريم ڪورٽ کي اختيار ڏئي ٿو. پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته پرويز مشرف پرڏيهه حڪومت جي اجازت سان ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته حڪومتن جون پنهنجون اوليتون هونديون آهن، عدالت جي اوليت رڳو قانون آهي. خاص عدالت جي رجسٽرار پرويز مشرف غداري ڪيس جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي ۽ عدالت اڳوڻي صدر کي پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار مارڪس ڏيندي چيو ته اها ڳالهه ڇڏي ڏيو ته جوابدار ڪير آهي، ڇا عدالتون ئي بي اختيار آهن، پرويز مشرف عدالت ۾ پيش ٿي ڪيس کي منهن ڏي، مشرف ملڪ نه ٿو اچي سگهي ته اسڪائپ تي بيان رڪارڊ ڪرائي، ٻئي صورت ۾ عدالت ڪو به فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد آهي، عدالت کي معاملي ۾ ڪو حل ٻڌايو وڃي.  چيف جسٽس چيو ته ٻئي ڌريون گڏجي حل ڪڍن ٻئي صورت ۾ عدالت فيصلو ڪندي، مشرف  جيڪڏهن انٽرويو ڏئي سگهي ٿو ته اسڪائپ تي ڇو نه ٿو ڳالهائي، هڪ جوابدار ڄاڻي ٻجهي نه ٿو اچي ته ڇا عدالت ايتري بيوس آهي، عدالت انصاف لاءِ ڪو به حڪم جاري ڪري سگهي ٿي، هي اختيار آرٽيڪل 187 تحت رڳو سپريم ڪورٽ کي ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته عدالت فيصلو ڪندي ته پرويز مشرف فلاڻي تاريخ تي پيش ٿي، جيڪڏهن پيش نه ٿو ٿي ته اسڪائپ تي بيان رڪارڊ ڪرائي، عدالت عدم حاضري تي فيصلو ڪندي ته اهڙن واقعن سان خراب اثر سامهون ايندا آهن.  سپريم ڪورٽ چيو ته جوابدار جي علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ سان مسئلا پيدا ٿيندا آهن، ايئن نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ شخص سمورن معاملن کي هاءِ جيڪ ڪري.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻڻ لاءِ صوبن کان سفارشون طلب

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته هاڻي سڄي ملڪ ۾ تعليمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے