Home / سنڌ / نقب الله قتل ڪيس، اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار ۽ ٻين جاوبدارن تي فرد جرم لاڳو

نقب الله قتل ڪيس، اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار ۽ ٻين جاوبدارن تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جعلي پوليس مقابلي ڪيس ۾ مارجي ويل نوجوان نقيب الله قتل ڪيس ۾ رائو انوار تي فرد جرم لاڳو  ڪري ڇڏيو.  ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ان سلسلي ۾ ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جوابدار رائو انوار ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.  عدالت نقيب الله محسود جي ڪيس ۾ رائو انوار سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو پر جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي عدالت 11 اپريل تي ڪيس جي شاهدن کي طلب ڪيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي  ڪيس جي فريادي ۽ اکين ڏٺن شاهدن جا بيان قلمبند ڪرائيندڙ مئجسٽريٽ کي به طلب ڪيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے