نڪور خبرون
Home / سنڌ / آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ رکيو ويو آهي، جيڪا اسيمبليءَ جي تذليل آهي: نفيسا شاهه

آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ رکيو ويو آهي، جيڪا اسيمبليءَ جي تذليل آهي: نفيسا شاهه

ڪراچي(رپورٽر ) پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه چيو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ رکيو ويو آهي، جيڪا هڪ اسيمبلي نه پر سموري اسيمبليءَ جي تذليل آهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نفيسا شاهه چيو ته نيب جو قانون اسان کي قبول ناهي، عام شهرين ۽ ڪاروباري شخصيتن کي ننڍن ننڍن ڪمرن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته نيب آغا سراج دراني جي خاندان سان سٺو رويو نه رکيو، اهڙو ورتاءُ ته قتل جي جوابدارن سان به نه ڪيو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته ريلوي ۽ سڌ سماءَ وارو وزير پابندي مڙهيل تنظيمن جي مددگار بڻيل آهن،  حڪومت جي ٻٽي پاليسي ختم ٿيڻ گهرجي.  نفيسا شاهه چيو ته پيپلز پارٽي گرفتارين کان ڪڏهن نه ڊڄندي آهي، اصل ڪرپشن ڪندڙن کي ڪو به نه پڪڙي رهيو آهي،  نيب سياسي مهري طور استعمال ٿي رهيو آهي. هن چيو ته نيب اڻڌريو ادارو آهي، نيب جو قانون ڪارو قانون آهي، هن وقت هر ڪيس اسلام آباد موڪليو پيو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے