Home / پاڪستان / آمريڪا سان ڀارت خلاف ايف 16 استعمال نه ڪرڻ جو ڪو ٺاهه ناهي: زبيده جلال

آمريڪا سان ڀارت خلاف ايف 16 استعمال نه ڪرڻ جو ڪو ٺاهه ناهي: زبيده جلال

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال چيو آهي ته ڀارتي جهاز ڪيرائڻ بعد جي ايف 17 ٿنڊر جهاز جي طلب ۾ اضافو ٿيو آهي، آمريڪا سان ايف 16 ڀارت خلاف استعمال نه ڪرڻ جو ڪو به ٺاهه ناهي. هڪ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي زبيده جلال چيو ته پارليامينٽ ۾ هڪ بل متعارف ڪرايو آهي ان ۾ ايڇ آءِ ٽي جي ڪمرشلائيزيشن جون اسان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، بنگلاديش وٽ 23 شپ يارڊ آهن، پاڪستان وٽ رڳو شپ يارڊ آهي، گوادر ۾ شپ يارڊ جي منظوري ڏني وئي آهي، اسان اوپن ٽينڊر ڪنداسين. هن چيو ته ڀارت ڪيترائي طريقا استعمال ڪيا پر هو ڪامياب نه ٿي سگهيو، اسان کيس ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته مودي جهڙا شخص مٿي تي سوار هجن ته ڇڪتاڻ برقرار رهندي آهي. زبيده جلال چيو ته دفاعي پيداوار جي وزارت جي پهرين عورت وزير آهيان.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران هڪ شخص اڻ سڌي ريت اين آر او گهريو: فردوس عاشق

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے