نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پلوامه واقعي بعد ڀارتي جارحيت جو جواب پاڪستان وڏي حوصلي ۽ بردباري سان ڏنو: وزير شاهه محمود قريشي

پلوامه واقعي بعد ڀارتي جارحيت جو جواب پاڪستان وڏي حوصلي ۽ بردباري سان ڏنو: وزير شاهه محمود قريشي

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي جي شروعات سان پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ۽ خطي ۾ سمورن پاڙيسرين سان پرامن ناتن جي خواهش رکي ٿو. سومر ڏينهن چين جي دوري دوران بيجنگ ۾ چائنا انسٽيٽيوٽ فار انٽرنيشنل اسٽريٽجڪ اسٽڊيز (سي آءِ آءِ ايس ايس) ۾ چيني اسڪالرن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين نه رڳو سٺا دوست آهن پر ٻنهي ملڪن جا ناتا اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي بنياد تي ٻڌل آهن. پاڪ چين اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي جي شروعات سان پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. هن چيو ته پلوامه واقعي بعد ڀارتي جارحيت جو جواب پاڪستان حوصلي ۽ بردباري سان ڏنو، پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان پرامن ناتن جو خواهشمند آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڀارت سان به سمورا حل طلب معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو. پرڏيهي وزير پنهنجي خطاب بعد انسٽيٽيوٽ فار انٽرنيشنل اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو دورو به ڪيو ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

زردارتي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، وڌيڪ ريل گاڏيون هلائيندس: شيخ رشيد

ڪراچي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) شيخ رشيد چيو آهي ته زرداري پنهنجي ٻچي صادق سنجراڻي کي بچائي ورتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے