نڪور خبرون
Home / پاڪستان / عبدالعليم خان جي جڊيشنل ريمانڊ ۾ واڌ. 2 اپريل تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم

عبدالعليم خان جي جڊيشنل ريمانڊ ۾ واڌ. 2 اپريل تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي سينيئر صوبائي وزير عبدالعليم خان جي جڊيشنل ريمانڊ ۾ واڌ ڪندي 2 اپريل تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل مطابق قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان عبدالعليم خان کي ڪوٽ لکپت جيل مان احتساب عدالت پهچايو ويو. عبدالعليم خان کي جڊيشل ريمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان پڇيو ته عليم خان خلاف هيل تائين ريفرنس دائر ناهي ٿيو، ريفرنس ڪيستائين فائل ڪيو ويندو جنهن تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته ريفرنس جو عمل هاڻي حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، عليم خان خلاف رپورٽ فائل ٿيڻ واري آهي. نيب اختيارين طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ اڳواڻ جي جڊيشل ريمانڊ ۾ توسيع جي استدعا ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي عليم خان جي جڊيشل ريمانڊ ۾ توسيع ڏيندي ٻڌڻي 2 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته نيب عبدالعليم خان جي جڊيشل ريمانڊ ۾ توسيع ڏيندي ٻڌڻي 2 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته نيب عبدلعليم خان کي آمدني کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو. گذريل ٻڌڻي تي نيب طرفان وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي عبدالعليم خان کي جڊيشل ريمانڊ تي 18 مارچ تائين ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا کي گهرڀيڙو ڪنداسين: مولانافضل الرحمان

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانافضل الرحمان هڪ دفعو ٻيهر حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے